راڄڙ ولي بخش

راڄڙ، ولي بخش (1913ع- 1983ع): صوفي شاعر فقير ولي بخش ولد قبول محمد راڄڙ، مشهور صوفي شاعر ۽ بزرگ منٺار فقير راڄڙ جو پوٽو هو. سندس تعلق ڳوٺ کاڻي راڄڙ تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ سان هو. ننڍي هوندي سندس والد وفات ڪئي ۽ پنهنجي ڏاڏي منٺار فقير راڄڙ جي سنڀال هيٺ رهيو. فقير ولي بخش راڄڙ به ڏاڏي جي صحبت ۾ رهڻ ڪري شاعر ٿيو. شاعريءَ ۾ تخلص بدران ’ولي بخش‘ لکندو هو. درگاهه نوح سرور جي گادي نشين مخدوم غلام محمد جي هٿ تي بيعت ڪيائين. درگاهه توڙي مسجد جو ڪم خود ڪرايائين.
هيءُ مريدن توڙي بزرگن سان نيازمنديءَ سان هلندو هو. سندس مفصل سوانح حيات ۽ شاعريءَ تي مشتمل مجموعو ’پرين تنهنجي پياس ۾‘ عنوان سان منٺار فقير اڪيڊميءَ طرفان 1999ع ۾ شايع ٿيل آهي. هيءُ نهايت سوز سان مرثيا پڙهندو هو. درگاهه تي سماع به ڪـرائيـندو هـو. فقيـر ولي بخـش 5 نومبـر 1983ع تي ڇنڇر رات مـطابـق 29 محرم الحرام 1404هه تي وفات ڪئي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ساقيا مئي جام پياريو، وٽي وحدت جي ڀري ڀري...
مڌ محبت جو پيالو پياريو ، نظر نينهن جي ڌري ڌري...
هٺ تڪبر هئڻ هستي، ساڻ پيڻ ٿيڻ پري پري...
حق هيڪڙائي هر دم حاصل، ٻن ٻياڻي ٻري ٻري...
دور دنيا جي ڪن ۾ قابو. آيو آهيان منجهه اري اري...
سُرڪ سڪر جي ڏي سوائي، سرڪ ري نٿي سري سري...
’ولي بخش‘ کي پر پيار ۾، قرب قريشي ڪري ڪري...


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.11.05  عيسوي

فقيـر ولي بخـش 5 نومبـر 1983ع تي ڇنڇر رات مـطابـق 29 محرم الحرام 1404هه تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم شاهه صوفي
رحيم بخش قمر
ڏکايل غلام حيدر ڪلهوڙو
بشير سيتائي
بيدل فقير
ڀائي ڌرمداس
آسو رام
رجب آزاد
بخشڻ شاهه
پرسرام مشتري ڀاٽيا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون